پالاري، طالب خان

پالاري، طالب خان

طالب خان پالاري

طالب خان پالاري : ناليوارو فنڪار طالب خان پالاري ٿاڻي بولا خان ضلعي ڄامشوري ۾ 1928ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد محمد اسماعيل پالاري زميندار ۽ سٺو سگهڙ به هو. سندن ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ ڌماچ ۾ سرندي نواز استاد گل محمد خاصخيلي رهندو هو. ان جي صحبت ۾ طالب خان جو لاڙو موسيقيءَ ڏانهن ٿيو. هن فن جي تربيت ان کان ورتي. سڀ کان پهريان هن دنبوري وڄائڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي. ان بعد هن مورا ۽ لوليون چوڻ شروع ڪيون. هنن صنفن به متعارف ڪرائڻ ۾ طالب خان پالاري تمام گهڻي محنت ڪئي، هن موري کي ڪوهستان مان ڪڍي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو. طالب پالاري پهريون ڀيرو 13 سالن جي عمر ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1957ع ۾ ’ڪچهري‘ پروگرام ۾ ڳائي ريڊيو تي مقبوليت ماڻي. ٽيليويزن تي 1968ع ۾ پروگرام ’ڪچهري‘ ۾ سيد منظور نقوي کيس متعارف ڪرايو. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون آيل آهن. هن سنڌيءَ کانسواءِ بلوچيءَ ۾ به ڳايو. طالب پالاري خود سٺو شاعر به آهي، طالب پالاري پاڪستان کانسواءِ بنگلاديش، انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.


لفظ طالب خان پالاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو